اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمورين زميني رستن ?? هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، ??ڀني کي گڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گر??پ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ه??لٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شا??ل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria