اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ميدان ۾ درپي?? چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاء?? خابرو ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي فروغ لاءِ ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آف نيوز ايجنسيز (آءِ سي اين اي) 13 ۽ 14 مئي تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. ڪانفرنس عالمي برادري ۾ ملڪ جي اعتدال پسند تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار هوندي جنهن ۾ آذربائيجان، بحرين، بلغاريه، چين، مصر، يونان، انڊونيشيا، ايران، قزاخستان، لبنان، اومان، قطر، رومانيه، سعودي عرب، سوڊان، شام، تيونس ۽ ترڪي سميت 20 ملڪن مان عالمي خابرو ادارن جا سربراهه ?? نمائندا شرڪت ڪندا. قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ان ڪانفرنس جو موضوع ”پاڪستان جي ميڊيا – موقعا ۽ چئلينجز“ آهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے