??سل??م آباد – 26 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جمهوريت جي ڪري ئي انڊونيشيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج س??ڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو، 17 آگسٽ 1995ع تي انڊونيشيا جي سالگ??هه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ قوم قائد ا??ظم کي انڊونيشيا جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت تي انڊونيشيا جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏنو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن.
جمهوريت جو فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار آهي: انڊونيشيا جو صدر
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ