اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جا مسئلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪري رهي آهي، پاڪستان موسميات?? تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ خوراڪ ۽ زراعت واري عالمي اداري جو تعاون ضروري آهي. صدر ممنون حسين اها ڳالهه فوڊ اينڊ ايگريڪلچر تنظيم (ايف ??ي او) جي ڊائريڪٽر جنرل جوز گرازينوڊي سلوا سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي خوراڪ وارو وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ کانسواءِ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. صدر چيو ته ايف ??ي او غربت جي خاتمي، غذائي تحفظ، معاشي ذريعا خوراڪ ۽ ٻهراڙي جي ترقي جي شع??ن ۾ اهم قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته تنظيم آفت سٽيل علائقن ۾ عارضي ب?? گهر ماڻهن جي بحالي، جانورن ۽ ان سان لڳندڙ بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔