گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو افغ??ن عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خابرو اداري موج?? آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا افغان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته افغ??ن عوام جا سمنڊ پار اثاثا افغ??ن عوام لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته افغان اثاثن کي منجمند ڪرڻ بنا جواز ۽ غير قانوني آهي، افغ??ن عورتون ڪمزور برادري آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران سبب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ افغ??ن عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن کي تحفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عورتن ۽ ٻارن جي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي بنا دير جي ختم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی