استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معا??لن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ??حسن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معا??لن واري مملڪتي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معا??لن ۽ ٻطرفن معا??لن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذربائيجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ ??نشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، محسن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي و??کا?? ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ??دمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير ??حسن نقوي آذربائيجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي مملڪتي وزير، وفاقي وزير ??حسن نقوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير ??حسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha