اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪست??ن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏ??ڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجي??ن ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ??ن دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته ??سٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير محسن نقوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته ??ارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي س??ن ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??ن سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجي??ن ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ??فغان پناهگيرن جي آسٽريليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت