اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد ??ي قانوني طريقيڪار موجب گر??تار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ه??اي?? ڪئي آهي ته سمورن گر??تار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پ??هن??ي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گر??تارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيند?? آهي، پارليامينٽ جا سمورا ميمبر م??هن??ي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گر??تاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گر??تارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پ??هن??ي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي ه??اي?? ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گر??تار ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گر??تار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپيڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آءِ جي اسلام آباد کي گرفتار قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : راکی