راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو ??فاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گ?? آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل ع??ب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ع??ب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل ع??ب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل ع??ب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو ??اڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria