اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ??يا????ار جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي ص??ر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. ص??ر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ص??ر چيو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يا????ار جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ ??يا????ار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ??يا????ار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جو قديم ٻ??مت ورثو ??نه?? ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ??يا????ار ۾ نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ