اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيا??ن جي ڪنٽرول، هٿيا??ن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ استحڪام تي پاڪستان ۽ روس جي مشاورتي گروپ جو 14 هون دور 7 فيبروري تي ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت اي??يش??ل پرڏيهي سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيا??ن جي خاتمي) محمد ڪامران اختر ۽ روسي نائب پرڏيهي وزير اي?? اي ريا بڪوف ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيا??ن جي ڪنٽرول، هٿيا??ن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته حياتياتي، خلائي ۽ معلوماتي تحفظ سان گڏوگڏ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بشمول مصنوعي ذهانت جي فوجي استعمال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ روس پاران عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس