پشاور-08 فيبروري (اي پي پي) ٿڌي موسم باوجود خميس ڏينهن سوات، شانگلا ۽ بونير جي ضلعن جي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جي هجوم آزداڻي ۽ پرامن ماحول ۾ ??وٽ ڪاسٽ ڪيو، مينگوره سٽي، امان ڪوٽ، ڪالام، مالم جبه، بحرين، مدين، خوازه خيله، بونير ضلعي ۾ سواڙي، ڊگر، ايلم ۽ شانگله ۾ بشام، چڪسر ۽ پورن جون پولنگ اسٽيشنون ظهر جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان ڀرجي ويون. انهن پهاڙي ضلعن ۾ زندگي جي سمورن شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ نوجوانن ۽ عورت ووٽرن ۾ زبردست جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو. پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پولنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ??يو آهي، پولنگ اسٽيشنن جي اندر اليڪٽرانڪ اوزارن کانسواءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادي جي اجازت نه آهي، ??وٽ وجهڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ??يو آهي.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا