اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگ??نگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگ??نگ جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگ??نگ جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگ??نگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هداي?? ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگ??نگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگ??نگ جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. نگران وزيراعظم هداي?? ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي تي نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پوري اي??ان??اري سان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هداي?? ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگ??نگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ ??فيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪ?? ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais