اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض عملدارن پاران مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير کي پنجن سالن جي لاءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پارٽي جي قي??دت هڪ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مسرت عالم ??ٽ ڪري رهيو آهي ??يڪ?? 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان قي?? ۾ آهي، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنجين ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت ڪا??عدم قرار ڏنو ويو آهي. بيان موجب ان کان اڳ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ، جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير، دختران ملت ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي کي ڪا??عدم قرار ڏنو ويو آهي، انهن پارٽين جي قي??دت کي ڊگهي حراست ۽ ملڪيتن جي ضبطگي جي ذريعي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن سال جي شروع ۾ سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس جي آفيس کي پڻ سيل ڪيو ويو هو. بيان موجب سياسي پارٽين تي پابندي ۽ انهن جي قي??دت تي ظلم ۽ ڏاڍ جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ اهو قدم اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. بيان موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارت جي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي انهن سخت حربن کي مسلسل رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن ??يڪ?? ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق جي توثيق ڪن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي فوري طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪا??عدم سياسي پارٽين تي هنيل پابنديون هٽائڻ گهرجن، سمورن سياسي قي??ين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي قابض عملدارن پاران مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير کي پنجن سالن لاءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی