اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدا??ت ڪئي آهي ??ه اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سم??ت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. نگران وزيراعظم هدا??ت ڪئي ??ه اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آ??ن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزيراعظم هدا??ت ڪئي ??ه اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس ??رٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس ??اري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. نگران وزيراعظم هدا??ت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سم??ت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزيراعظم هدا??ت ڪئي ??ه اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ??ه اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدا??ت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدا??ت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال