اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون ??نع??د ڪرڻ ۾ ڪو ابهام نه آهي، چونڊن جي ??اريخ جي اع??ان کانپوءِ سمورا شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، اسان ان آئيني عمل طرف وڌي رهيا آهيون جنهن تحت عوام هڪ سياسي حڪومت چونڊيندي، اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪندي، گذريل حڪومت جي قانوني ۽ آئيني فيصلن تي عمدلرآمد ڪرڻ اسان جي ??ميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”هم نيوز“ ۽ ”جي ٽي وي“ جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته وڏي ۽ سٺي خبر اها ئي آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، اسان کي اڳ ۾ ئي يقين هو ته چونڊون ٿي وينديون. هن چيو ته چونڊون ??نع??د ڪرڻ ۾ ڪو ابهام ناهي رهيو، اليڪشن جي ??اريخ جي اع??ان کانپوءِ هاڻي سمورا شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن. چونڊون ??نع??د ڪرڻ ۾ صدر، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن سڀني جو اتفاق راءِ موجود آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ان پوري عمل جي نگراني ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ جيڪو فيصلو ٿيو آهي، ان تي اسان سڀني کي خوش ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ??ئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ اها ڳالهه خوشي جو سبب آهي ته اسان ان آئيني عمل طرف وڌي رهيا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ عوام هڪ سياسي حڪومت چونڊيندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، اسان پنهنجو فرض ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون، صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ??نع??د ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن چيو ته شڪايت ڪرڻ جو حق نه ٿو کسي سگهجي، جمهوريت ۾ خاموشي ناهي هوندي، نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آهي ۽ اها ملڪ ۾ شفاف چونڊون ??نع??د ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪندي، آئين ۽ قانون تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته آئون ان ڳالهه تي مطمئن آهيان ته سمورين پارٽين کي برابر موقعا ميسر آهن. رياستي ميڊيا جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين سياسي پارٽين کي برابر ڪوريج ڏني پئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي ??والي سان ڳڻتي ڦهلائڻ ڪجهه ماڻهن جو ڪاروبار آهي، ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ بي يقيني جي فضا رهي. ڪنهن کي اهڙي جڳهه تي جلسو ڪرڻ جي ??جازت نه ٿي ڏئي سگهجي ??نهن سان عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي چونڊ وڙهڻ جا اهل هوندا، اهي چونڊ وڙهندا، پي ٽي آئي هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي، اها اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو قانوني مسئلو آهي ته نگران حڪومت ان ۾ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، اهو اسان جو ڪم نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نگران ڪابينا جي ڪنهن ميمبر جي ڪا سياسي وابستگي نه آهي. نيب ترميمن جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي لاءِ پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، نيب جي ??والي سان ترميمون پارليامينٽ ڪيون هيون. نجڪاري جي ??والي سان سوال تي هن چيو ته نجڪاري جي فهرست نگران حڪومت ناهي آندي، نجڪاري جو فيصلو گذريل حڪومت ڪري وئي آهي، گذريل حڪومت جي قانوني ۽ آئيني فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي ??ميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت ڊالر، اٽي، ڀاڻ، کنڊ جي ??سمگلنگ جي ??وڪٿام جي لاءِ قدم کنيا، اسان جي ڪوشش آهي ته شين کي وڌيڪ بهتر ڪريون، اڄ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 53 هزار جي نفسياتي حد عبور ڪري ويو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان کي ملڪ جنهن حالت ۾ مليو هو، ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل نمائندن کي ڏئي وينداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نگران وزيراعظم جو لمز يونيورسٽي ۾ وڃڻ سٺو قدم هو، نگران وزيراعظم نوجوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو.
چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪو ابهام نه آهي، چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ سمورا شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار