اسلام آباد – 28 – جول??ءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آه??، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان ج??ر جي ڪينسر جي وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هيپاٽائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آه??ون، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آه?? ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هيپاٽائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آه??. مصر هيپاٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آه?? جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آه?? ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آه??. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آه??، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سان ج??ر کي شديد نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جگر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آه?? ۽ اهو اسان جو فرض آه?? ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪريننگ ڪريون ۽ هيپاٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان ج??ر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي ل??ءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آه??ون، اسان کي هيپاٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.
پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا