اسلام آباد – 20 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 1200 ميگاواٽ جو چشما فائيو نيوڪليئر پاور پلانٽ معاهدو پاڪ چين ڊالر جي سيڙپڪاري مثبت قدم آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو دير جو شڪار ٿيڻ تي چين اسان جي مدد ڪئي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي، قوم کي ان معاهدي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1200 ميگاواٽ جي چشما فائيو ائٽمي بجلي گهر جي تعمير جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ چين جي نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير کانسواءِ چيني عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون اڄ قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اڄ سي فائيو جوهري توانائي منصوبي جي تعمير جي مفاهمت تي صحيحون ٿيون آهن، ان منصوبي سان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، اهو منصوبو ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳائڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو هو، ان جون شرطون طئي ٿي ويون هيون. گذريل حڪومت ان منصوبي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو هو، هاڻي ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن. ان منصوبي تي لاڳت 2017ع جي ئي رکي وئي آهي جنهن سان 30 ارب رپين جي بچت ٿيندي. احسن اقبال، خرم دستگير ۽ پاڪستان جي نئين عسڪري قيادت جا ٿورائتا آهيون جو انهن ان تي وڏي محنت ڪئي ۽ دلچسپي ورتي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سي فائيو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جو اعليٰ مثال آهي، ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڪي ٿري جو افتتاح ڪيو، اڄ سي فائيو جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهيون، اميد آهي ته بنا ڪنهن دير جي ان منصوبي کي اڳتي وڌائينداسين، مشڪل معاشي صورتحال ۾ چين پاران 3.48 بلين ڊالر جي ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري واضح پيغام آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي چيني ڪمپنيون ۽ سيڙپڪار تسلسل سان پاڪستان تي ا??تماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهو ان جو عڪاس آهي ته اسان جي ??وس??ي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري، ماکيءَ کان مـٺي ۽ فولاد کان مضبوط آهي. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ان ??وس??ي کي آئرن برادرز جو نالو ڏنو آهي، پاڪستان کي اقتصادي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ نائين ريويو جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، آءِ ايم ايف پاران جيڪي شرطون هنيون ويون انهن سڀني کي ا??ان پورو ڪيو ان جي باوجود ان ۾ غيرمعمولي دير ڪئي وئي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي مدد ڪئي، هي ??وس??ي ان ضرب المثل جو هڪ عمده مثال آهي ته ”??وس?? اهو جيڪو مشڪل ۾ ڪم اچي“. وزيراعظم چيو ته چين کانسواءِ اسان جي عظيم ??وس?? سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ هاڻي به ڪري رهيا آهن، هن مشڪل وقت ۾ چين جي مالي مدد اهم آهي، ان تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. هن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم جي ان معاهدي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي ان جا ٿورا م??يا، چيني ناظم الامور ۽ ٻين جا پڻ ٿورا م??يا. هن چيو ته هي ميان نواز شريف جو ويزن آهي، هن 1993ع ۾ پهريون ڀيرو چين سان جوهري توانائي جو معاهدو ڪيو هو. هن چيو ته چيني قيادت پاڪستان جي جيڪا بي مثال مدد ڪئي آهي ۽ قرضن جي تجديد ڪئي آهي اهو بي مثال ??وس??ي جو بهترين نمونو آهي، چين پاڪستان جي انهن بااعتم??د دوستن ۾ شامل آهي جيڪي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيا. وچ اوڀر ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ڪويت اسان جي مدد ڪئي، اسان ??وس??ن جي مدد ۽ معاونت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.
1200 ميگاواٽ جو چشما فائيو نيوڪليئر پاور پلانٽ معاهدو پاڪ چين ڊالر جي سيڙپڪاري مثبت قدم آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو دير جو شڪار ٿيڻ تي چين اسان جي مدد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش