گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ ??از??ار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت ??گس?? 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪ??ي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آهي ته ??گس?? 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀارت کي 4 ??گس?? 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ ??از??ار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي ڪ??ي پاڪستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي ??صو??ي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 5 ??گس?? 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف ورزي ٿي آهي. هن چيو ته ڀارتي خلاف ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇو ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف ورزي ڪ??ي سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ڇو ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ??ندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن فرق جي ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2026ع ۾ پاڪستان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آهي ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪ??ڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه ??هرجي. راندين جو مقصد اهو آهي ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪ??ي وئي.
ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری