اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ملڪ جي ن??جو??نن جي وڏي انگ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عمل پي??ا آهي جنهن جو مقصد ن??جو??نن کي مختلف شعبن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ ۽ ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، وزيراعظم جي ويزن تحت وفاقي حڪومت ن??جو??ن نسل کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ 15 ميگا پروگرامن جي نقاب ڪشائي ڪندي وزيراعظم ??وٿ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي شروعات ڪئي هئي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي رپورٽ موجب هن وقت ملڪ جي 64 سيڪڙو ماڻهن جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي ۽ 29 سيڪڙو پاڪستانين جون عمرون 15 کان 29 سال جي وچ ۾ آهي. پاڪستان ۾ هاڻي اڳ کان گهڻا وڌيڪ ن??جو??ن آهن، ۽ گهٽ ۾ گهٽ 2050ع تائين ان ۾ اضافو ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان اهم عنصر کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت ن??جو??نن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ 150 ارب رپين جي وزيراعظم ??وٿ ڊيولپمينٽ پئڪيج شروع ڪيو. انهن پروگرامن ۾ بااختيار ن??جو??ن انٽرن شپ پروگرام، وزيراعظم ??وٿ ليپ ٽاپ پروگرام، بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ 5000 وظيفن، نيشنل ٽاپ ٽيلنٽ اسڪالرشپ پروگرام،سيرت چيئرز جو قيام، پاڪستان جي سڀ کان گهٽ ترقي يافته ضلعن ۾ سرڪاري يونيورسٽين جي ذيلي ڪئمپسز جو قيام، ??وٿ اسڪلز ٽريننگ پروگرام، ينگ ڊيولپمينٽ فيلوشپ پروگرام، سينٽرز آف ايڪسيلينس، پاڪستان انوويشن فنڊ ينگ ڊيولپمينٽ ليڊر ايوارڊ، پاڪستان جي 20 غريب ترين ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي ترقياتي اسڪيم، سڄي پاڪستان ۾ ينگ پيس اينڊ ڊيولپمينٽ ڪورس ۽ 250 مني اسپورٽس ڪمپليڪس جو قيام شامل آهي. اهڙي طرح وڏي پئماني تي ن??جو??ن طبقي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم پاران پي ايم ??وٿ بزنس ۽ ايگري لون اسڪيم پڻ شروع ڪئي وئي جنهن جي ذريعي ن??جو??نن کي مختلف ڪاروبار ۽ زراعت جي قدمن جي ذريعي پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ جا موقعا فراهم ??يا ويا آهن. ان قدم جو مقصد 15 ڪمرشل، اسلامي ۽ ايس ايم اي بئنڪن جي ذريعي آسان شرطن ۽ گهٽ وياج جي شرح تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي جي ذريعي ن??جو??نن ۾ انٽر پريينورشپ کي فروغ ڏيڻ آهي. سمورا پاڪستاني سهري جن جون عمرون 21 کان 45 سال جي وچ ۾ آهن، ڪاروباري صلاحيت رکندڙ ماڻهو قرض جي لاءِ درخواست ڏيڻ جا اهل آهن. اسڪيم تحت فراهمڪيل قرضن کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي. 21 ۽ 45 سال جي عمر جا ماڻهو انهن اسڪيمن تحت 75 لک رپين تائين جا قرض جي سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا. آءِ ٽي ۽ اي ڪامرس جي ڪاروبار جي لاءِ گهٽ عمر جي حد 18 سال آهي. ننڍي ڪاروباري قرضن جي ذريعي مائيڪرو فنانسنگ ملڪ جي ن??جو??نن ۾ ملازمت جي تلاش بدران روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي عمل کي فروغ ڏيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف افتتاحي تقريب دوران ريمارڪس ڏنا هئا ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ به وفاقي سطح تي اهو پروگرام شروع ڪيو ويو هو ۽ 54000 ن??جو??نن کي 75 ارب رپين جا قرض فراهم ??يا ويا هئا جنهن سان نه رڳو ن??جو??نن کي فائدو ٿيو پر ان سان ملڪ کي به فائدو ٿيو ۽ ملڪ جي معيشت کي فروغ مليو. ملڪ جي اٽڪل 64 سيڪڙو آبادي ن??جو??نن تي ٻڌل آهي ۽ ان قدم سان انهن کي سڌوسنئون فائدو پهتو. زرعي قرضن جي اضافي سان ڳوٺاڻي ن??جو??نن کي پوکيءَ ۾ جدت آڻڻ ۾ مدد ملي رهي آهي جنهن ۾ مشيني پوکيءَ، زرعي ويليو چينز جي تخليق ۽ پوکيءَ جي اوزارن جي سولرائيزيشن شامل آهي ته جيئن پاڪستان جهڙي موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيندڙ ملڪ ۾ توانائي جي وسيلن جو وڌيڪ پائيدار انتظام ڪري سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف قرض اسڪيمن جو مقصدن??جو??نن کي خودانحصار قرار ڏنو هو. ماضي ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ن??جو??ن کي 40 ارب رپيا جي قرض فراهم ??يا ۽ ان جي وصولي جو تناسب 90 سيڪڙو هو. نواز شريف جي قيادت هيٺ حڪومت ن??جو??نن کي 15 ارب رپين جا ليپ ٽاپ جاري ڪيا، وزيراعظم اسڪيم جي نقاب ڪشائي ڪندي ان جو پڻ حوالو ڏنو هو. باصلاحيت ن??جو??ن عوام جي لاءِ وزيراعظم پاران شروع ڪيو ويو، ٻيو موقعو ”انوويشن هب“ پروگرام هو. وزيراعظم جي ويزن تحت قائم ڪيل انوويشن هب سمورن ڌرين خاص طور تي ملڪ جي باصلاحيت ن??جو??نن ۽ افرادي قوت جي خيالن کي شامل ڪري ملڪ جي ضرورتن سان هم آهنگ پاليسي سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي جديد پروگرام آهي جيڪي ملڪي ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين سان ماهرن جي مشوري، ان پٽ ۽ تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو هو. اهو وزيراعظم جي ان عزم جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو ته هو ذاتي طور تي نئين شروع ڪيل انوويشن هب کي فروغ ڏيندا ۽ حڪومت سمورين وزارتن ۾ باصلاحيت ن??جو??نن جي لاءِ خصوصي سيل قائم ڪندي ته جيئن ن??جو??نن جي قومي پاليسي سازي جي لاءِ پنهنجي اختراعي آئيڊياز تي ڪم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.
وزيراعظم جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ملڪ جي نوجوانن جي وڏي انگ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عمل پيرا
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada