اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد ج?? لاءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزان??ه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزان??ه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي ج?? لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشن?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ ج?? لاءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هز??ر غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزان??ه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ ج?? لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.
صدر سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات