اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ٻنهي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي. صدر واقعي ۾ م??رج?? ويلن جي لاءِ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria