اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري ان??ان??ت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پ??غا?? ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال خودي جو ولول?? انگيز پ??غا?? ڏئي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم عظيم شاعر ۽ مفڪر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن