اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن، عمر??ن خان پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، عمر??ن خان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آهي، پي ٽي آءِ جي 8 مان 2 وڌيڪ سيٽون هارائي عمر??ن خان پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪومت نه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪومت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمر??ن خان ک?? اسلام آباد تي يلغار جو لائيسنس نه ٿو ملي سگهي، عمر??ن خان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي جو طريقو اسلام آباد تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهرندو؟ فارن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز جي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪ?? ۽ ??سٽر وائي جو نالو وٺندو؟ فارن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ ون مين پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آهي.
ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo