اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي آستانه قازقستان ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهه اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم مسئلن خاص طور تي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز بابت پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي امن ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پ??ڪس??ان جي پڪي عزم کي ورجايو، هن علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي حصيداري ۽ خودمختيار برابري جي بنياد تي سمورين رياستن سان خوشگوار لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سميت پ??ڪس??اني عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي جي هدف کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪردار کانسواءِ پا?? چين اقتصادي لنگهه سميت مختلف قدمن جي ذريعي ايشيا ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پ??ڪس??ان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي سمورن قدمن بشمول والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلي ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل پ??ڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب سيڪا هڪ ??ين الحڪومتي قدم آهي جنهن جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. 27 ميمبر ملڪن تي ٻڌل سيڪا سڄي ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جو هڪ فو??م آهي. پ??ڪس??ان سيڪا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي ۽ هو ان جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي.
وزيراعظم سيڪا جي ڇهين سربراهه اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا