اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ا??ٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان ع??دالله حفظ خان طرفان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي سڀني اڏام?? تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏام?? تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي ملي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. انهن تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي موقعي تي ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2