اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا ??اڪ??تان کي پام آئ?? فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهري??ن بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن ??اڪ??تان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ??اڪ??تاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان ??اڪ??تان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل ??اڪ??تان کي فراهم ڪيو پ??و وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيشيا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، ??اڪ??تاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهري??ن بحري جهاز اڄ اڱاري تي ??اڪ??تان روانو ٿيندو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ ??اڪ??تان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.
وزيراعظم جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی