اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي نئين چونڊيل اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اس??يڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اس??مبلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين س??ورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اس??يڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي اولين ترجيح آهي، اس??يڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊي?? آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان منهنجي بنا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊي?? آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اس??يڪر منهنجي پهرين ذميواري هن ايوان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راء?? ۾ ??ئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن چونڊل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏو رکي.
ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena