اسلام آباد – 11 فيبروري (??ي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آه??. ش??هه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري ا??ان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ م??تح??م ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي ا??تعمال ۾ آڻي پاڪستان جي معاشي ا??تح??ام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري ا??ان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي ا??تح??ام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان سعودي عرب لاءِ نامزد سفير امير خرم راٺوڙ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر