نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفون?? ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس اس??يٽ?? جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ م??يا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ?? موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ م??يا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.
شاهه محمود قريشي سان بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات، افغانستان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل