اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ??تا?? جي بي مثال قربانين کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪ??تا?? کي افغان??تا?? جي جنگ جي نتيجن تي الزام هڻڻ نه گهرجي، الزام بازي جو رويو ختم ڪري افغان??تا?? جي مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي، صحيح قدم اهو آهي ته افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ نئين افغان حڪومت سان تعاون ڪيو وڃي، طالبان جي حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ رابطو هر هڪ جي لاءِ مثبت مفاد رکندڙ هوندو، ماضي جي غلطين کي ورجايو ته بي چيني، وڏي پئماني تي پناهگيرن ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا وڌندا ۽ سموريون ڌريون متاثر ٿينديون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان??تا?? بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ تازي بريفنگ کي ڏسي حيرت ٿي ته ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪي اتحادي جي حيثيت سان پاڪ??تا?? جي قربانين جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو پر ان جي بدران اسان کي آمريڪا جي نقصان جو ذميوار قرار ڏنو ويو، 2001ع کانپوءِ بار بار خبردار ڪندو آيو آهيان ته افغان جنگ کٽي نه ٿي سگهجي ڇو ??ه افغان ڪڏهن به ڊگهي پرڏيهي فوجي تسلط کي قبول نه ڪيو ۽ پاڪ??تا?? سميت ٻاهران ڪير به ان حقيقت کي تسليم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته بدقسمتي سان نائن اليون کانپوءِ پاڪ??تا??ي حڪومتن غلطي جي نشاندهي ڪرڻ بدران آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت جي پاڪ??تا?? جي فوجي حڪمران پرويز مشرف نائن اليون کانوءِ آمريڪا جي هر مطالبي تي اتفاق ڪيو جنهن جي پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. آمريڪا پاڪ??تا?? کي چيو ته ان??ن گروپن کي نشانو بڻايو جن جي سي آءِ اي ۽ اسان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغان??تا?? ۾ سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي تربيت ڪئي هئي، ان وقت ان??ن افغانين کي آزادي پسند قرار ڏئي ساراهيو ويو هو، صدر رونالڊ ريگن وائيٽ هائوس ۾ مجاهدن جي ميزباني پڻ ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن سوويت يونين کي شڪست ڏني وئي ته آمريڪا افغان??تا?? کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، پاڪ??تا?? ۾ 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير ۽ افغان??تا?? ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، ان??ي سيڪيورٽي خال دوران طالبان اڀري آيا جن مان ڪيترائي افغان پناهگير ڪئمپن ۾ پيدا ٿيا ۽ ان??ن پاڪ??تا?? ۾ تعليم حاصل ڪئي. نائن اليون کانپوءِ آمريڪا کي اسان جي ٻيهر ضرورت پئي پر هن ڀيري ان??ن ماڻهن جي خلاف جن جي اسان عيرملڪي قبضي سان وڙهڻ جي لاءِ گڏجي حمايت ڪئي هئي، پرويز مشرف آمريڪا کي لاجسٽڪس ۽ هوائي اڏن جي آڇ کانسواءِ سي آءِ اي کي پاڪ??تا?? ۾ پنهنجا قدم ڄمائڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته اسان جي سرزمين تي پاڪ??تا?? تي بمباري ڪندڙ آمريڪي ڊرون کي نظرانداز ڪيو وي??. ه?? چيو ته پاڪ فوج پهريون ڀيرو پاڪ افغان سرحد تي نيم خودمختيار قبائلي علائقن ۾ داخل ٿي ۽ اهو ئي علائقو ان کان اڳ سوويت يونين جي خلاف جهاد ۾ استعمال ٿيندور هيو آهي، ان??ن علائقن جي آزاد پشتون قبيلن جا طالبان ۽ ٻين عسڪريت پسندن سان گهرا لاڳاپا هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ان??ن ماڻهن جي لاءِ افغان??تا?? ۾ آمريڪا به سوويت يونين وانگر هڪ قابض ملڪ هو جيڪو اهڙي ئي سلوڪ جو مستحق هو، ان وقت جيئن ته پاڪ??تا?? آمريڪا جو ساٿي هو، ان لاءِ اسان کي قصوروار سمجهندي اسان تي حملا ڪيا ويا. پاڪ??تا?? جي سرزمين تي 450 کان وڌيڪ آمريڪي ڊرون حملا ڪيا ويا جن سان پاڪ??تا?? تاريخ جو اهو واحد ملڪ بڻجي ويو جنهن تي اتحادي ئي بمباري ڪئي، ان??ن حملن سان شهري وڏي پئماني تي مارجي ويا، جنهن سان آمريڪا مخالف ۽ پاڪ??تا??ي فوج جا جذبا وڌي ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي خلاف 2006ع ۽ 2015ع جي وچ ۾ 50 عسڪريت پسند گروهن جهاد جو اعلان ڪيو 7 اسان تي 16 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا ويا، پاڪ??تا?? کي 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو جاني نقصان کڻڻو پيو ۽ ملڪي معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، ان ڏس ۾ پاڪ??تا?? جي 35 لک شهرين کي ان??ن جي گهرن کان بي گهر ڪري ڇڏي??. ه?? چيو ته دهشتگردن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن دوران فرار ٿي افغان??تا?? ۾ داخل ٿيندڙ عسڪريت پسندن ڀارتي ۽ افغان ان??يلي جنس ايجنسدين جي مدد ۽ مالي تعاون سان پاڪ??تا?? جي خلاف وڌيڪ حملا شروع ڪيا. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻي پئي، ڪابل ۾ سي آءِ اي جي هڪ اڳوڻي اسٽيشن چيف 2009ع ۾ لکيو هو ته آمريڪا جي سڌوسنئون سخت دٻاءُ سان ملڪ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا ۽ ان جي باوجود آمريڪا اسان کان افغان??تا?? جي جنگ جي لاءِ ڊو مور مطالبو ڪندو رهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان جي هڪ سال اڳ 2008ع ۾ ان وقت جي سينيٽرز جو بائيڊن، جان ايف ڪيري، هيري ايم ريڊ ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي، مون ان خطرناڪ صورتحال طرف ان??ن جو ڌيان ڇڪرايو ۽ افغان??تا?? ۾ جاري بيڪار فوجي مهم بابت ان??ن کي ٻڌايو. وزيراعظم چيو ته نائن اليون کانپوءِ سموري عرصي ۾ اسلام آباد ۾ سياسي مفاد غالب رهيو، صدر آصف زرداري جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي پاڪ??تا?? جي قيادت ڪندڙ سڀ کان ڪرپٽ شخص آهي، ان آمريڪا کي چيو ته هو پاڪ??تا??ين کي نشانو بڻائيندو رهي ڇو ??ه ضمني نقصان آمريڪين کي پريشان ڪري ٿو ۽ ان سان مون کي پريشاني نه آهي، اسان جو اڳيون وزيراعظم نواز شريف به ان کان مختلف نه هو. پاڪ??تا?? پاران 2016ع تائين دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ باوجود افغان??تا?? ۾ حالتون مسلسل خراب ٿينديون ويون، پاڪ??تا?? وٽ هڪ اهڙي منظم فوج ۽ ان??يليجنس ايجنسي هئي جنهن کي عوامي تائيد ۽ حمايت حاصل هئي جڏهن ته افغان??تا?? ۾ ڊگهي جنگ جي لاءِ جواز جي کوٽ کي هڪ بدعنوان ۽ نااهل افغان حڪومت ڳنڀير بڻائي ڇڏيو جنهن کي خاص طور تي ڳوٺاڻي افغان عوام پاران ساک کانسواءِ هڪ ڪٺ پتلي حڪومت طور ڏٺو وي??. ه?? چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته ان حقيقت کي منهن ڏيڻ بدران افغان??تا?? جي حڪومت ۽ اولهه حڪومتن پاڪ??تا?? تي الزام هڻي ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان تي الزام هنيو ويو ته اسان طالبان کي محفوظ پناهگاهون ڏنيون ۽ سرحد جي ٻنهي پاسن ان کي آزاداڻي چرپر جي اجازت ڏني آهي. وزيراعظم سوال ڪيو ته جيڪڏهن ائين هجي ها هت ڇا آمريڪا 450 کان وڌيڪ ڊرون حملن مان ڪجهه جو استعمال ان??ن مبينا پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ نه ڪري ها؟ هن چيو ته ان جي باوجود پاڪ??تا?? ٻين قدمن کانسواءِ افغان??تا?? کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ بارڊر ويزيبلٽي ميڪينزم جي آڇ، بائيوميٽرڪ بارڊر ڪنٽرول جي تجويز ۽ سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي تجويز ڏني جيڪا وڏي حد تائين اسان پاڻ ڪئي آهي پر پاڪ??تا?? جي هر تجويز کي رد ڪيو ويو، افغان حڪومت ان جي بدران پاڪ??تا?? تي الزام بازي جو سلسلو تيز ڪيو جنهن ۾ ان کي ڀارت جي فيڪ نيوز نيٽ ورڪس جي مدد حاصل رهي جيڪو سوين پروپئگنڊه آئوٽ ليٽس ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلائي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وڌيڪ حقيقت پسنداڻو طريقو اهو هو ته طالبان سان تمام گهڻو اڳ ڳالهيون ڪيون وڃن ها ته جيئن افغان فوج ۽ اشرف غني جي حڪومت خاتمي جي خفت کان بچي وڃي ها. هن چيو ته يقينن ان ڳالهه تي پاڪ??تا?? تي الزام نه هڻڻ گهرجي ته ٽي لکان وڌيڪ تربيت يافته ۽ هٿيارن سان ليس افغان سيڪيورٽي فورسز گهٽ هٿياربند طالبان سان وڙهڻ کان ڇو قاصر رهي؟ بنيادي مسئلو افغان حڪومت جي ڍانچي جو هو جيڪو عام افغان جي نظرن م قانوني حيثيت نه رکندو ه??. ه?? چيو ته اڄ افغان??تا?? هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ اسان کي ماضي جي الزام بازي کي جاري رکڻ بدران افغان??تا?? ۾ تشدد کي روڪڻ جي لاءِ مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هاڻي دنيا جي لاءِ اهو صحيح قدم هوندو ته افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نئين افغان حڪومت سان رابطو رکي، عالمي برادري افغان??تا?? جي حڪومت ۾ وڏن نسلي گروهن جي شموليت، افغانين جي حقن جو احترام ۽ طالبان جي ان واعدي کي ڏسڻ گهرندي ته افغان??تا?? جي سرزمين کي ٻيهر ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي استعمال نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن طالبان اڳواڻن کي خاطري ڪرائي وڃي ته ان??ن کي حڪومت هلائڻ جي لاءِ مسلسل انساني ۽ ترقياتي مدد ڏني وڃي ٿي ته ان??ن وٽ پنهنجي واعدن تي قائم رهڻ جو وڏو سبب ۽ صلاحيت هوندي. هن چيو ته اهڙيون مراعتون ڏيڻ سان ٻاهرئين دنيا کي اهو فائدو ٿيندو ته اها طالبان کي پنهنجي واعدن جو احترام ڪرڻ تي راضي ڪندي رهندي، جيڪڏهن اسان اهڙا صحيح قدم کڻندا رهياسين ته اسان اهو حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪو دوحه امن عمل جو مقصد هو، هڪ اهڙو افغان??تا?? جيڪو هاڻي دنيا جي لاءِ خطرو نه هجي، جتي افغان چار ڏهاڪن کان تڪرارن کانپوءِ آخرڪار امن جو خواب ڏسي سگهن، ان جي ابتڙ افغان??تا?? کي ڇڏي ڏيڻ، اڳ ۾ به آزمايو ويو آهي، 1990ع جي ڏهاڪي وانگر اهو عمل تمام گهڻو نقصان جو سبب بڻجندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افراتفري، وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ عالمي دهشتگردي جو ٻيهر رونما ٿيڻ جو خطرو فطري نتيجو هوندو ۽ ان کان بچڻ يقيني طور تي اسان جي هڪ عالمي ضرورت آهي.
پاڪستان کي افغانستان جي جنگ جي نتيجن تي الزام هڻڻ نه گهرجي، الزام بازي جو رويو ختم ڪري افغانستان جي مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش