لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳا??هه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريش?? چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.
ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ امن جو خواب ڪڏهن به پُورو نه ٿيندو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون