دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي دو??نبي پهچي ويو، تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪ?? ڪندو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دو??و به ڪندو، وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شع??ي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دو??ن??ي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دو??ي دو??ان وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقا?? ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ آهي.
وزيراعظم تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا