اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن، مسلمان م??ڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وز??راعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنبن ۾ شامل آهن. وز??راعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن م??جب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم عمران خان مسلمان م??ڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان م??قعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وز??راعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ