اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ص??عت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي پر اسان وبا جي دوران سپلائي چين کي بحال رکيو ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته حڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بج??ي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بج??ٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هز??ري?? مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان نه رڳو تعميرات جو شعبو پر ذيلي ص??عتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن جي دور??ن ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.
ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب