اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي ز??رڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتح??ل ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپت??ل ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي ??زير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپت??ل ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.
قوم، ملڪ ۽ پنهنجي بزرگن کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ عيد سادگي سان ملهائين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز