اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين ??اڪ??تان جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين ??اڪ??تان جي تعمير لاءِ استادن سميت معاشري جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نئين ??اڪ??تان جو خواب غريب ماڻهن جي ڀلائي کانسواءِ پورو نه ٿو ٿي سگهي، نئين ??اڪ??تان جو سج جلد اڀرندو. استاد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نئين ??اڪ??تان جي تعمير ۾ تعليم، تربيت ۽ سخت محنت جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، جنهن جي لاءِ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف پرعزم آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت به 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جڏهن ته گهرن ۾ چائلڊ ليبر هڪ ڏوهه آهي ۽ گهرن تي ڪم ڪندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ هجڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔