اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 41 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي برآمد جي حتمي تاريخ ۾ 28 فيبروري 2018ع تا??ين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته 35 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جو اضافي مقدار سريلنڪا کي برآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏني ??ئي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس يونائيٽيڊ ٽاول ايڪسپورٽرز لميٽيڊ کي وي??پو گروپ بي وي نيدر لينڊز جي 70 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خصوصي غير ملڪي ڪرنسي اڪائونٽ ما?? 8.425 ملين يورو ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز تي منظور ڪري ورتي. اي سي سي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي 4 آءِ پي پيز (ميسرز سيف پاور لميٽيڊ، ميسرز اورينٽ پاور لميٽيڊ، ميسرز سيفائراليڪٽرڪ ڪمپني ۽ ميسرز هلمور پاور جنريشن پاور ڪمپني ??ميٽيڊ) طرفان آر ايل اين جي تي پيداوار جي لاءِ نظرثاني ??يل ادائيگي شرطن جي حوالي سان عبوري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania