پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، افغانستان?? تاجڪستان ۽ ڪرغزستان ??ي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نوا?? شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان ??در اشرف غني ۽ ڪرغزستان ??ي وزيراعظم سوران ??ي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان ??هم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ