اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارتي وزيرا??ظم نريندر ??ود?? والاريل ڪشمير ۾ تازي المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هزارين نوجوان پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڀارت کي ادراڪ ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير جو بنيادي مسئلو گولين سان حل نه ٿو ڪري سگهجي، اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سنجيده ڳالهين ذريعي سياسي حل جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه ڀارتي وزيرا??ظم ??ود?? جي آزادي ڏهاڙي جي تقرير جو جواب ڏيندي چئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڀارتي وزيرا??ظم المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪا گذريل 5 هفتن کان ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ درپيش آهي، والاريل ڪشمير ۾ 70 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميري شهيد ۽ 6 ه??ار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : راکی