بيجنگ _ 16 اپريل (اي پي پي ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ سندس اي??اني هم منصب حسين امير عبد الهيان اسرائيل ۽ اي??ان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان فون تي ڳالهيون ڪيون . شنوا مطابق اي??اني پرڏيهي وزير چيني هم منصب کي شام جي شهر دمشق ۾ اي??اني سفارت خاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي بابت اي??ان جي موقف ??ان آگاهه ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان حملي تي ڪو ضروري قدم ناهي کنيو ۽ کيس خود ??ختياري جي خلاف ورزي جي جواب ۾ پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي . موجوده علائقائي صورتحال کي انتهائي حساس قرار ڏيندي امير عبد الهيان چيو ته اي??ان تحمل ??ان ڪم وٺڻ تي راضي آهي ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي . هن چيو ته اي??ان غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ جنگ بندي ، علائقائي امن ??ي بحالي ۽ علائقائي ملڪن وچ ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ چين جي فعال ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو . هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ اي??ان گڏيل شراڪت دار آهن ۽ چين ٻه طرفه لاڳاپن جي وسيع ترقي لاءِ مختلف شعبن ۾ اي??ان سان عملي سهڪار کي مستقل طورتي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي .
چيني ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيلي فونڪ ڳالهيون ، اسرائيل ايران ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز