اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??اڪ??تان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ س??ود?? عرب سان پارلياماني تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اه??ن خيالن جو اظهار س??ود?? عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ??اڪ??تان ۾ س??ود?? عرب جي سفير نوفاد بن سعيد ال??ال??ي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر س??ود?? عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و ۽ چيو ته ??اڪ??تان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته س??ود?? عرب سان پارلياماني تعاون سان پاڪ – س??ود?? عرب ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ??اڪ??تان ۽ س??ود?? عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ??اڪ??تان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته ??اڪ??تاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. س??ود?? عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پنهنجي ??اڪ??تان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس ??اڪ??تان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان پاران صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج