اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ??هي ته معا??ري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ڪنهن به معا??ري يا ملڪ جي ترقي جو دارومدار اتي جي امن امان جي صورتحال تي هوندو آهي، جتي امن هوندو، اتي سيڙپڪاري، تعليمي موقعا، روزگار ۽ معيشت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پوليس عوام سان گڏ جي نئين فيز جي شروعات تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته امن ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. امن کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي ن??و ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي چئلينجن کي موقعن ۾ بدلائڻو آهي، معا??ري ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ??وليس کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پوليس سميت ٻين شعبن ۾ عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معا??ري ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پوليس عوام جي تحفظ ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ??ڪ بنيادي ادارو آهي. پوليس جو ڪردار نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام پر سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ منظم پوليس فورس امن جي قيام ۽ شهرين جي اعتماد جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان سان گڏ ئي هن پوليس کي جديد تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن هو وڌيڪ موثر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته امن کانسواءِ داخلي مسئلا پيدا ٿيندا آهن پر پرڏيهي سيڙپڪار به اهڙن ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان ترقي جو عمل رڪجي ويندو آهي. هڪ مستحڪم ۽ پرامن ماحول ئي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي تعم??ر ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. اهو ئي سبب ??هي ته حڪومتن کي امن امان جي قيام لاءِ ??وثر قدم کڻڻ ۽ عوام ۾ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. امن ئي اهو بنياد ??هي جنهن تي ترقي جي عمارت بيهاري سگهجي ٿي.
معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ