رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزي?? السعود ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي اڳ??اڻن اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزي?? السعود سان خوشگوار ملاقات ٿي. سعودي ولي عهد گذريل ڇهن مهينن دوران ??نجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ??لاقات تي پنهنجي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو حقيقي محبت ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڳنڍي ٿو. ٻنهي اڳ??اڻن جو ان ڳالهه ت?? اتفاق ٿيو ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. سعودي ولي عهد ان ڳالهه ت?? زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون جو فروغ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳ??اڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد جا پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ولي عهد وزيراعظم جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد پاران ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون