ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏ?? اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرن?? جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ??و??ا ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ??وما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين اسٽيٽ ??وما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي روس جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ