باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگو??ر ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب ??نع??اد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلي?? جي انتهائي شڪ??ر ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ??ڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.
آذربائيجان جي صدر سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن