اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق سرينگر ھاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس جي اھلڪارن سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقع?? جي مذمت ڪندي چيو آھي ته شھيد جوانن پنھنجا فرض نڀائيندي ملڪ لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو ڏن??. پ??ھنجي پيغام ۾ قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن جي جاني نقصان تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر ج?? شريڪ آھيان. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شھيد اھلڪارن جي پيشيوارڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شهيد اھلڪارن جي قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر پوليس ۽ رينجرز جي زخمي ٿيل اھلڪارن کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڏني آھي. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر رينجرز ۽ پوليس جي شھيد ٿيل اھلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر ج?? دعا پڻ ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران رينجرز ۽ پوليس جي شهيد اھلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظھار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا