اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چيو آهي ته ش??گه????ي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خطرو آهي پر عالمي سطح تي به وطن عز??ز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته س??ي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چيو ته هن وقت وطن عز??ز جنهن نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عز??ز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ش??گه????ي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ض??وري آهي.
ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي: البرٽ ڊيوڊ
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2