اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ??ينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ ??ي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن مل??قا?? ۾ ڪيو. مل??قا?? ۾ وفاقي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ??ينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. مل??قا?? ۾ ڊينمارڪ جي سفير چيو ته ??ينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ?? سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. مل??قا?? ۾ وفاقي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. پاڪستان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ??ينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وفاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.
ڊينمارڪ طرفان معدنيات جي شعبي ۾ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار