اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت مقامي واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي نمائندن سا?? اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. وفا??ي وزير چ??و ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفا??ي وزير چ??و ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي چيئرمين چوڌري ذوالفقار حيات وفا??ي وزير جي ويزن کي ساراهيو. چيئرمين چيو ته پهريون ڀيرو هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن کي بااختيار بنائڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سا?? واپار واري وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ بلٽ ان مڪينزم سا?? گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفا??ي وزير ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سا?? پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪن، انهن سفارشن کي وزيراعظم جي صد??رت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ۾ غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ملڪ جي مقامي صنعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ